ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ڌرڻا عمران خان هڻائي رهيو آهي، وفاقي حڪومت عدالتي حڪم باوجود ڌرڻو ختم نه ڪرائي رهي آهي ان لاءِ ڌرڻي سان منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪومت پنهنجي رٽ قائم ڪري ۽ جيڪڏهن اسلام آباد پوليس بي وس بڻيل آهي ته فوج کان مدد حاصل ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اڳوڻي نااهل قرار ڏنل وزيراعظم ميان نوازشريف جي رشتيدار ۽ عباس شريف جي نياڻي مير عاصم پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. نثار احمد کهڙي کيس پارٽي ۾ شامل ٿيڻ ٿي ڀليڪار ڪندي چيو ته بلاول ڀٽو زرداريءَ جي قيادت ۾ پارٽي وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي. نثار کهڙو چيو ته اسلام آباد ڌرڻي جي ڪري عوام تنگ اچي چڪو آهي ۽ وفاقي حڪومت ان ڪري بي وس نظر اچي رهي آهي ڇاڪاڻ ته کين ماڊل ٽائون وارو واقعو ياد ايندو هوندو. هن چيو ته پيپلز پارٽي ڪراچيءَ تي قبضو نه ٿي ڪرڻ چاهي پر عوام جي دلين تي راڄ ڪرڻ چاهي ٿي ان لاءِ اپوزيشن ليڊر خواجا اظهارالحسن پهريان ايجنسين مان جان ڇڏائي پوءِ ٻين تي الزام هڻي. هن چيو ته خواجا اظهارالحسن جا ڪراچيءَ تي قبضي ڪرڻ بابت پيپلز پارٽيءَ تي الزام بي بنياد آهن ۽ هو الزام هڻڻ کان پهريان پنهنجو قبلو درست ڪري. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿئي ٿو ته کيس ڪاوڙ نه لڳڻ گهرجي هن چيو ته ماضيءَ ۾ عوام ڪراچيءَ ۾ خوف سبب پنهنجا فيصلا آزاديءَ سان نه ڪري سگهنداهيا ۽ هاڻي عوام ان خوف مان ٻاهر نڪري چڪو آهي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ عوام پنهنجو فيصلو آزاديءَ سان ڪري سگهندو. هڪ سوال جي جواب ۾ نثار کهڙو چيو ته گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي ڪا به عوامي حيثيت ناهي اهڙن اتحادن سان پهريان به مقابلو ڪيو آهي ۽ هاڻي به مقابلو ڪنداسين. هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ جا ايم پي ايز اياز لطيف پليجي سان رابطي ۾ نه آهن پر اياز لطيف پليجو پاڻ پيپلز پارٽيءَ سان رابطي ۾ آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر عاصم کي نه ڪڍيو ويو آهي پر هو پاڻ 6 هفتا ملڪ کان ٻاهر علاج خاطر وڃڻ سبب عهدو رکڻ کان معذرت ڪئي ۽ سندس صحتياب ٿي وطن واپس اچڻ تي کيس وڌيڪ ذميداري ڏئي سگهجي ٿي.