اسلام آباد ۾ ويهي سنڌ خلاف سازش پئي ٿئي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي/اسلام آباد(نمائندن وٽان) سنڌ سرڪار صوبائي حدون تبديل ڪرڻ بابت ايم ڪيو ايم طرفان قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرايل بل کي سازش قرار ڏئي ڇڏيو. سنڌ ڪابينا جي اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ دوران وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو ته قومي اسيمبلي ۾ هڪ سياسي جماعت قومي اسيمبلي ۾ بل جمع ڪرايو آهي ته آرٽيڪل 4/239 آئين مان مڪمل طور ختم ڪيو ويو، هن چيو ته اهو آرٽيڪل لازمي قرار ڏئي ٿو ته ڪنهن به صوبي جون حدون تبديل ڪرائڻ جي صورت ۾ ان صوبي مان پهريان سادي اڪثريت سان ٺهراءُ منظور ڪرائڻو پوندو. مرتضي وهاب بل تي تبصرو ڪندي چيو ته ”ٻلي کي خواب ۾ ڇڇڙا”، هن چيو ته اسلام آباد ۾ ويهي سنڌ جي عوام خلاف سازش جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته صوبائي ڪابينا ان بل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ فيصلو ڪيو آهي ته ان بل خلاف قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي خط لکيو ويندو. واضح رهي ته اهو بل وفاقي سرڪار جي اتحادي جماعت ايم ڪيو ايم قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرايو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *