اسلام آباد ۾ عوام کي پيئڻ جو پاڻي به مهيا ناهي: اسد عمر

اسلام آباد (بيورو) وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته اسلام آباد ۾ عوام کي پيئڻ جو پاڻي به مهيا ناهي ديامير ڀاشا ڊيم جي انجنيئرنگ جو معاملو آهي بحث هلي رهيو آهي ته پاڪستاني ڪمپني کي ڏنو وڃي، اسان جي يونيورسٽين ۾ جاچ جي شعبي ۾ واڌ ٿي رهي آهي اسان کي ان کي اڳتي وٺي هلڻو آهي اربع تي ناليج اڪناموتي سيمينار کي خطاب ڪندي اسد عمر چيو ته ناليج بيسڊ معاشرو بنائڻ لاءِ ٽيڪنالوجي کان روشناس ٿيڻو پوندو دنيا جي پهرين يونيورسٽي مسلمان ملڪ ۾ ٺهي هئي هن چيو ته تربيلا ڊيم مان راولپنڊي ۽ اسلام آباد ٻنهي شهرن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ رٿا جي اشتهار ۾ پرڏيهي ڪنسلٽنٽ گهريو ويو آهي اسلام آباد ۾ عوام کي پيئڻ جو پاڻي به مهيا ناهي. هن چيو ته الزام لڳايو ويو ته اسان اعليٰ تعليمي ڪميشن جي بجيٽ تي ڪٽ لڳايو آهي 2017 ۽  18 ۾ بجيٽ 16 ارب رپين کان وڌيڪ هلي هلندڙ مالي سال ايڇ اي سي جي ترقياتي بجيٽ 28 ارب رپين کان وڌيڪ آهي هن چيو ته جنهن مان 22 ارب رپيا پهريان 8 مهينن ۾ جاري ڪيا ويا آهن تعليم جي ميدان ۾ ترقياتي بجيٽ تحريڪ انصاف وڌائي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *