اسلام آباد کي مفلوج بڻائيندڙ هڪ ڏينهن جو ننڍو احتجاج به برداشت نه ڪري سگهيو: مريم نواز

لاهور: (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز اسلام آباد ۾ پيپلز پارٽي جي جيالن تي پوليس جي تشدد جي مذمت ڪئي آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز بلاول ڀٽو زرداري جي پيشي جي موقعي تي پ پ پ ڪارڪنن تي پوليس جي تشدد ۽ جيالن جي شهر ۾ داخلا تي پابندي کي تنقيد جو نشانو بڻايو .مريم نواز چيو ته اسلام آباد کي چئن مهينن تائين مفلوج رکڻ وارو هڪ ڏينهن جو ننڍو احتجاج به برداشت نٿو ڪري سگهي، ڌرڻي دوران پارليامنٽ، وزيراعظم هائوس ۽ پي ٽي وي تي حملا ڪيا ويا.هن وڌيڪ چيو ته هي ڊڄي ٿو ڇو جو هي چور دروازي کان آيو آهي، ڏهن مهينن ۾ اهو حال ٿي ويو آهي ووٽ چورن جو. هن چيو ته موجوده حڪومت مڪمل طور تي ناڪام بڻجي وئي آهي ۽ ان جو ڪوبه مستقبل ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *