اسلام آباد هائي ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن جي ڪاروائي روڪڻ بابت پي ٽي آئي درخواست جي ٻڌڻي ملتوي
August 29, 2017 at 8:42 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (اين اين آءِ) اسلام اباد هائي ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن جي ڪاروائي روڪڻ بابت پي ٽي آئي جي درخواست اڄ اڱاري تائين ملتوي ڪئي وئي، تفصيل موجب پي ٽي آئي فارئين فنڊنگ ڪيس بابت اليڪشن ڪميشن جي ڪاروائي روڪڻ لاءِ اسلام اباد هائي ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي. ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس عامر فاروق ڪئي. عدالتي نوٽيس تي اڪبر ايس بابر پنهنجي وڪيل جي ذريعي جواب جمع ڪرايو ۽ موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آئي جي درخواست رد ڪري چڪو آهي ۽ سئو سيڪڙو اهو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي، ان تي جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏنا ته انور منصور چئي رهيو ته ڪورٽ ۾ مختلف ڪيس آهي، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ فارئين فنڊنگ بابت ڪيس ٻڌي رهي آهي ته ڇا اهو مناسب نه هوندو ته اسان به اهو ڪيس ٻڌو، جسٽس چيو ته اڃان به اهو معاملو ڊويزنل بينچ ڏانهن نه موڪليون ڊويزنل بينچ پهريان به اهومعاملو ٻڌي چڪي آهي. جسٽس عامر فاروق چيو ته انور منصور سڀاڻي ايندو، انکان پوءِ ٻڌڻي اڱاري تائين ملتوي ڪئي ويئ.