اسلام آباد(بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وڌيڪ چئن ضلعن جي تڪبندين کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. اسلام آباب هاءِ ڪورٽ ۾ تڪبندين بابت 108 درخواستون ٻڌڻي هيٺ آهن، عدالت گذريل ڏينهن تڪبندين بابت گڏيل درخواستن تي فيصلو ٻڌائيندي چئن ضلعن جي تڪبندين کي ڪالعدم قرار ڏنو هو جن مان جهلم، ٽوبا ٽيڪ سنگهه، جهنگ ۽ لوئردير واريون تڪبنديون شامل آهن .ميڊيا جي رپورٽن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق وڌيڪ 13 ضلعن جي تڪبندين تي فيصلو ٻڌايو، جن ۾ عدالت خارانم گهوٽڪي، قصور ۽ شيخوپورا ضلعن جي تڪبندين کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو . اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 9 ضلعن تي تڪبندين جي خلاف داخل درخواستون رد ڪري ڇڏيون، خانيوال، چنيوٽم ڪرم ايجنسي، راجنپور، مانسهرا، صوابي، جيڪب آباد، گوجرانوالا ۽ عمر ڪوٽ جي تڪبندين جي خلاف درخواستون رد ڪيون ويون . ان کان سواءِ عدالت هريپور، سيالڪوٽ، بهاولپور، رحيم يارخان، بنون ۽ چڪوال جي تڪبندين تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اٽڪ ۽ ايبٽ آباد جي تڪبندين سميت 31 وڌيڪ درخواستن جي ٻڌڻي سڀائي ڪندي.