اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نجي اسڪولن کي گرمين جي موڪلن دوران  فيس وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي گادي واري شهر جي نجي اسڪولن کي شاگردن کي گرمين جي موڪلن ۾ فيس وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ياد رهي ته جسٽس شوڪت عزيز صديقي تي ٻڌل سنگل بينچ 18 مئيتي نجي اسڪولن کي گرمين جي موڪلن دوران فيس وٺڻ کان روڪي ڇڏيو هو، جڏهن ته سپريم ڪورٽ سنگل بينچ جو فيصلو معطل ڪري معاملو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي موڪلي ڇڏيو هو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن ارونگزيب اڄ نجي اسڪولن کي شاگردن کان گرمين جي موڪلن ۾ فيس وٺڻ واري ڪيس جي نئين سر ٻڌڻي ڪئي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نجي اسڪولن جي طرفان گرمين جي موڪلن ۾ شاگردن کان فيس وٺڻ کي درست قرار ڏئي ڇڏيو. واضح رهي ته هلندڙ سال اپريل ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ پڻ نجي اسڪولن کي فيسن ۾ واڌ کان روڪيندي صوبائي حڪومت کي فيسن ۾ اضافي لاءِ ٻيهر جائزو وٺڻ لاءِ قانون جوڙڻ جو حڪم ڏنو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *