اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا

اسلام آباد( بيورو ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل عمران خان جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا آهن. جسٽس عامر فاروقي جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني لارجر بئنچ اليڪشن ڪميشن جي عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي عمران خان جي وڪيل بابر اعواڻ دليل ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ رڳو هڪ پارٽيءَ جو ٽرائل ٿي رهيو آهي، اليڪشن ڪميشن عدالت ناهي جيڪو توهين عدالت ڪارروائي هلائي. ان موقعي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي حڪم نامي کي معطل ڪندي عمران خان کي هدايت ڪئي ته شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏنو وڃي، بابر اعواڻ خاطري ڪرائي ته اليڪشن ڪميشن جي شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏنو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *