اسلام آباد (بيورو رپورٽ) خصوصي عدالت اڳوڻي پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اُها اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو مڃڻ جي پابندي نه آهي. اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران خصوصي عدالت لکت ۾ جواب جمع نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت سنگين غداري ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي 5 ڊسمبر تائين بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران جسٽس وقار احمد سيٺ چيو ته اسان هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي نه ڳالهائينداسين، اسان رڳو سپريم ڪورٽ جي حڪمن جا پابند آهيون، پرويز مشرف پنهنجو بيان ڪنهن به ڏينهن رڪارڊ ڪرائي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 5 ڊسمبر تائين ملتوي ڪندي هدايت ڪئي ته 5 ڊسمبر تي پراسيڪيوشن ٽيم پوري تياري سان پيش ٿئي، ان کانپوءِ التوا نه ڏينداسين.