اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو نواز شريف جي اشتهار ذريعي طلبي جو حڪم

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي اشتهار ذريعي طلبي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايون فيلڊ ۽ العزيزيا اسٽيل ملز ريفرنس تي نواز شريف جي سزا خلاف اپيلن تي ٻڌڻي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل بئنچ ڪئي.عدالت ۾ فارن آفيس جو ڊائريڪٽر يورپ محمد مبشر خان لاڳاپيل دستاويز کڻي پهتو ۽ هن نواز شريف جا ٻئي گرفتاري وارنٽ وصول ڪرڻ جو رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو.هن ٻئي گرفتاري وارنٽ وصول ٿيڻ جون رسيدون عدالت ۾ پيش ڪيون، جڏهن ته وارنٽ وصول ڪرڻ جي رجسٽر تي انٽري ۽ ڊائري نمبر به عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.محمد مبشر خان عدالت کي ٻڌايو ته رجسٽر تي داخلا کانپوءِ ڪمپيوٽر تي به ان جي انٽري ڪئي ويندي آهي ۽ پرڏيهي وزارت برطانيا ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن کي ڊپلوميٽڪ بيگ ذريعي وارنٽ موڪلرايا.جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته هاڻ ٻڌايو اڳتي ڇا ٿيندو؟ ان تي ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل نيب جهانزيب ڀروانا چيو ته ايندڙ مرحلو نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ آهي.هن دليل ڏنا ته گرفتاري وارنٽ جي تعميل جي عمل ۾ شريڪ 3 ماڻهن بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيا، اها ڳالهه واضح آهي ته نواز شريف ڄاڻي واڻي گرفتاري وارنٽ وصول نه ڪيا ۽ دستاويزي شاهدين مان واضح آهي ته نواز شريف ڄاڻي واڻي مفرور آهي، تنهن ڪري کيس اشتهاري قرار ڏنو وڃي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف کي اخبار جي اشتهار ذريعي طلب ڪندي سندس طلبيءَ جا اشتهار جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت قرار ڏنو ته نواز شريف جي اشتهار ذريعي طلبي جو سمورو خرچ وفاقي حڪومت برداشت ڪندي.عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل کي اشتهارن جي رقم ٻن ڏينهن ۾ جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *