حيدرآباد (اين اين آءِ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته جيئي سنڌ متحده محاذ پرڏيهي طاقتن جي هٿ تي آهي دهشت ۽ ڌماڪن جي ماحول جي باوجدو سي پيڪ جي خلاف هڙتال جي اپيل سڄي سنڌ جي عوام رد ڪري ڇڏي آهي جيڪا سنڌ جي عوام جي شعور جو ثبوت آهي زرداري ليگ ايندڙ عام چونڊن مان خوفائتو آهي ان لاءِ جاگيردارن سردارن وڏيرن ميرن پيرن کي پارٽي ۾ شامل ڪري رهيو آهي. الطاف ۽ زرداري هڪ ئي سڪي جا ٻه رخ آهن اسلام آباد جي اسٽيبلشمينٽ مداخلت بند ڪري ته ڪراچي ۾ چونڊ نتيجا تمام مختلف اچي سگهن ٿا اين اين آءِ سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر قادر مگسي جسمم جي باري ۾ چيو ته اها پرڏيهي طاقتن جي مفاد لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ان جو سنڌ سان ڪوبه تعلق نه آهي. ان سبب سنڌي ظلم ۽ تشدد جو شڪار بڻيل آهن نوجوانن جا لاش کڻڻا ٿا پون. هن چيو ته دهشتگرد ۽ ڌماڪن جي باوجود سنڌ جي عوام سي پيڪ جي خلاف جسمم جي هڙتال جي ڪال کي رد ڪري ٿي. جيڪا عوامي شعور پيدا ڪرڻ ۾ اسان جو ڪاميابي وارو ثبوت آهي سنڌ جي عوام پنهنجي حقن جي ويڙهه سياسي ۽ جمهوري طور تي وڙهڻ جي همٿ رکي ٿي پ پ پ جو نالو استعمال ڪندڙ پارٽي اصل ۾ زرداري ليگ آهي. جيڪو ذوالفقارعلي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي شهادت ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح ملوث وڏيرن سردارن ميرن ۽ پيرن کي پاڻ ۾ گڏ ڪري رهي آهي ڇو ته هو 2018 جي عام چونڊن جي حوالي سان سنڌي عوام جي شعور کان خوفائتو آهي. پ پ پ کي ان باوجود عام چونڊن ۾ وڏي مزاحمت سان منهن ڏيڻو پوندو ڪراچي ۽ حيدرآباد جي حالتن بابت هن چيو ته حڪومت ۽ اسلام آباد جي اسٽيبلشمينٽ نوان نوان تجربا ڪري رهي آهي هاڻي الطاف کان پوءِ مصطفيٰ ڪمال ۽ فاروق ستار کي ميدان ۾ لاٿو آهي. جيڪي الطاف سان ڏوهن ۾ گڏ هئا انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ گهرجي ها. اهي ڪهڙي طرح سياسي جمهوري بڻجي ويا. ايم ڪيو ايم ۽ الطاف مهاجر ديش جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن ته زرداري ورهايل سنڌ ۾ سنڌو ديش لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سي پيڪ منصوبو سنڌ جي لاءِ فائديمند ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن پ پ پ جي سنڌ حڪومت ٽيڪنيڪل ڪاليج کولي نوجوانن کي مختلف ڪورسن جي ذريعي فني تربيت ڏني وڃي انهن کي چيني ٻولي سيکاري وڃي. ۽ پوءِ انهن کي مختلف صنعتي زون ۾ نوڪريون ڏنيون وڃن.