جيڪب آباد/مبارڪپور (رپورٽ/يوسف رند) اسلام آباد آزادي مارچ ۽ ڪشميرين جي حمايت ۾ مظاهرو، مارچ ۽ ڌرڻو، خبر موجب جمعيت علماءِ اسلام اسلام آباد ۾ آزادي مارچ جي ڪاميابي ۽ عوام دشمن پاليسي رکندڙ حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ ، ڪشميرين جي حمايت ۾ هڪ احتجاجي مظاهرو جي يو آءِ ضلعي جيڪب آباد جي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، مفتي عبدالسلام ڀٽو، ڪرم الله مهر، بقا محمد ڇڄڻ، حاجي مختياراحمد ڀٽو، عبدالغفار مهر،حاجي رياض احمد ڀٽو، ارشاد احمد مهر، خليل احمد مستوئي، رياض احمد ٽانوري، علي نواز ڀٽو، امام بخش مهر، زبير احمد سميجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جامع مسجد کان ڪڍيو ويو، مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي هلو هلو اسلام آباد هلو، ڪشميرين کي حق خود اراديت ڏيو، ڪشميرين جو قتل عام بند ڪيو جهڙا نعره لکيل هئا، مظاهرين شهر جي مختلف رستن تي مارچ ڪندي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا جنهن ڪري ٺل، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ سکر ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ هڪ ڪلاڪ تائين معطل رهي، انهيءَ موقعي تي مقررين چيو ته ناموس رسالت جي تحفظ لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، ملڪ جي آئين تحت احتجاج ڪرڻ هر شهري جو بنيادي حق آهي، آزادي مارچ ۾ ضلعي جيڪب آباد جي هزارين عوام شرڪت ڪندي، وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، عوام دشمن پاليسي رکندڙ حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ 27 آڪٽوبر تي لکين ماڻهو آزادي مارچ لاءِ اسلام آباد روانه ٿيندا، هنن چيو ته پاڪستان جي معاشي صورتحال ايتري ته تباهي تي پهتي آهي جو ورلڊ ايڪانامڪ فورم جي عالمي انڊيڪس ۾ پاڪستان جي رينڪنگ ٽئين درجي کان 110 درجي تي پهتي آهي، وڌيڪ چيو ته ڪشميرين کي حق خود اراديت نه ڏني وئي ته سرينگر ڀارت جو قبرستان ثابت ٿيندو ۽ چيو ته موجوده حڪومت وٽ معيشت ۽ ڪشمير جي مسئلي تي ڪابه واضع پاليسي يا پروگرام ناهي، قوم جي صبر جو پيمانو ختم ٿي ويو آهي، حڪمرانن 14 مهينن ۾ عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي.