اسرائيل کي پنهنجي سرزمين جو حق حاصل آهي: سعودي ولي عهد

رياض (م ڊ) سعودي عرب جي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان چيو آهي ته اسرائيل کي پنهنجي سرزمين جو حق حاصل آهي، ان کان اڳ سعودي عرب جي ڪنهن به اهم اڳواڻ کليل لفظن ۾ اهڙي قسم جو بيان ناهي ڏنو. سعودي عرب جي بااثر شخصيت هڪ آمريڪي رسالي ”دي اٽلانٽڪ“ کي ڏنل انٽرويو ۾ اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو. انٽرويو دوران شهزادي محمد بن سلمان کان پڇيو ويو ته ڇا يهودي عقيدي جي ماڻهن کي تاريخي طور پنهنجي اباڻي وطن ۾ رياست ٺاهڻ جو حق آهي؟ جنهن جي هن جواب ڏيندي چيو ته منهنجي خيال ۾ اسرائيلين ۽ فلسطينين کي پنهنجي سرزمين جو حق حاصل آهي. 32 ورهين جي سعودي ولي عهد جو چوڻ هو ته سڀني جي سلامتي يقيني بڻائڻ لاءِ اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ امن معاهدي جي ضرورت آهي. واضح رهي ته سعودي عرب اڄ ڏينهن تائين اسرائيل جي وجود کي تسليم ناهي ڪيو ۽ رياض حڪومت چوندي رهي آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا تيستائين بهتر نه ٿيندا، جيستائين اسرائيل 1967ع ۾ عرب – اسرائيل جنگ دوران فلسطيني علائقن تي ڪيل قبضي تان هٿ نه کڻندو پر هاڻ سعودي ولد عهد جي اهڙي بيان مان لڳي رهيو آهي ته رياض حڪومت ايران کي پنهنجو دشمن تصور ڪندي اسرائيل سان پنهنجي سفارتي لاڳاپن ۾ تيزي آڻي رهي آهي. گذريل مهيني سعودي عرب پهريون ڀيرو اسرائيل ويندڙ ڀارتي مسافر جهازن کي سعودي فضائي حدن مان گذرڻ جي اجازت ڏني هئي، جڏهن ته گذريل سال نومبر ۾ اسرائيلي ڪابينا به تصديق ڪئي هئي ته رياض ۽ تل ابيب وچ ۾ ڳجهي نموني سفارتڪاري جو سلسلو جاري آهي.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *