اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته جڏهن اسان کي اسرائيل کي قبول ئي ناهي ڪرڻو ته پو اُتي ڪير ڇو ويندو؟ اسان جي وزير کي اُتي وڃي ڇا ڪرڻو آهي؟وزير اعظم جي صدارت هيٺ معاشي ٽيم جو اجلاس ٿيو جنهن جي پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي.پڌرائي موجب وزير اعظم چيو آهي ته غلط خبرون هلايو پيون وڃن، پوري مهم هلي رهي آهي، يورپي يونين جي ڊس انفوليب ڀارت جي نيٽ ورڪ کي بي نقاب ڪيو، اسان جا ماڻهو مليل آهن، هتي ويٺل ماڻهو ان ۾ فيڊ ڪري ڪري رهيا آهن.اجلاس ۾ وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، حماد اظهر، اسد عمر، عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر عشرت حسين، اسٽيٽ بينڪ جي گورنر رضا باقر، وقار مسعود، خيبرپختونخواهه جي ناڻي واري وزير تيمور سليم جهڳڙا، پنجاب جي ناڻي واري وزاير هاشم جوان بخت ۽ ٻين شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ وزير اعظم کي ملڪي معيشت جي بهتر ٿيندڙ ڏهائين جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو.وزير اعظم صنعت ۽ اڏاوتي شعبي ۾ بهتري ۽ ٽيڪسٽائل سيڪٽر مان برآمدات ۾ واڌ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.وزير اعظم وڌيڪ چيو ته ترقي جا رستا کولڻ لاءِ منصوبابندي تي ڪم ٿي رهيو آهي.