اسرائيل يمن ۾ حوثي باغين جي ڪنٽرول وارن علائقن ۾ بمباري ڪئي، جنهن ۾ پاور اسٽيشن ۽ فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو

اسرائيل يمن ۾ حوثي باغين جي ڪنٽرول وارن علائقن ۾ بمباري ڪئي، جنهن ۾ پاور اسٽيشن ۽ فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيل يمن جي ميزائل ۽ ڊرون حملن جي جواب ۾ يمن ۾ حوثين جي ڪنٽرول وارن علائقن کي نشانو بڻايو، جن ۾ هڪ پاور اسٽيشن ۽ سامونڊي بندرگاهه شامل آهن.

اسرائيلي فوج جي حملن ۾ حديده، راس عيسيٰ بندرگاهن، حزياز پاور اسٽيشن ۽ فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو.

حملن ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ زخمي ماڻهو ٿيا آهن.

اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته حوثي اسرائيل جي خلاف ڪارروائين جي قيمت چڪائي رهيا اهن، کين وڌيڪ ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *