اسرائيل طرفان لبنان تي ڪيل تازن هوائي حملن ۾ وڌيڪ 31 ڄڻا شهيد ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، لبناني صهت واري وزارت ٻڌايو ته حزب الله خلاف اسرائيل پنهنجي حملن کي تيز ڪري ڇڏيو آهي گذريل ڏينهن لبنان جي اوڀر ۽ ڏکڻ وارن علائقن تي اسرائيلي حملن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 31 ڄڻا شهيد ٿي ويا.
وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل طرفان پهريان بالبيڪ هيرميل نالي علائقي کي نشانو بڻايو ويو جنهن ۾ 20 ڄڻا شهيد ٿيا جنهن کانپوءِ ٻئي حملي ۾ 11 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا، انهن حملن ۾ 14 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا.
ٻئي پاسي اسرائيلي فوج پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هـُنن لبنان ۾ حزب الله جي دهشتگرد ڍانچي کي نشانو بڻايو، حملن ۾ دهشتگرد، آپريشنل اپارٽمينٽ ۽ هٿيارن جي ذخيري جي هنڌن کي تباهه ڪيو ويو.
هوڏانهن جوابي ڪارروائي ڪندي لبنان جي مزاحمتي تنطيم حزب الله اسرائيل جي رمات ڊيوڊ بيس حيفه ۾ نيول بيس ۽ فوجي هوائي اڏي کي نشانو بڻايو.