اسرائيل جي غزه ۾ نسل ڪشي مهم جاري آهي، بمباري ۾ هڪ ئي خاندان جي 22 ڄڻن سوڌو 38 فلسطيني شهيد ٿي ويا

اسرائيل جي غزه ۾ نسل ڪشي مهم جاري آهي، بمباري ۾ هڪ ئي خاندان جي 22 ڄڻن سوڌو 38 فلسطيني شهيد ٿي ويا.

عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته بيت لاهيا ۾ پناهگير ڪئمپ  تي حملي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 22 ڄڻا شهيد ٿي ويا.

عرب ميڊيا رپورٽ موجب، غزا سٽي ۾ عورت صحافي ايمان الشانتي مڙس ۽ ٽن ٻارن سميت شهيد  ٿي ويئي.

نصيرات ڪئمپ تي هوائي حملي ۾ 7 ڄڻن شهادت ماڻي.

عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي بمباري ۾ هن وقت تائين شهيد ٿيلن ج انگ 44 هزار 805 تائين پهچي ويو آهي.

ٻئي پاسي اسرائيل فوج غزا ۾ حماس جي ٻن سينئر ڪمانڊرن کي شهيد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *