اسرائيل جي غزه ۾ نسل ڪشي مهم جاري

اسرائيل جي غزه ۾ نسل ڪشي مهم جاري آهي، وحشياڻي بمباري سبب هڪ ئي خاندان جا 22 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ هڪ دفعو ٻيهر غزه ۾ فوري طور غيرمشروط جنگ بندي جو ٺهراءَ منظور ڪيو ويو آهي.

عرب ميڊيا موجب اسرائيل جي بيت لاهيا ۾ وحشياڻي بمباري سان هڪ ئي خاندان جا 22 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترا زخمي ٿي پيا.

اسرائيل جي بمباري سان شهيد ٿيلن ۾ ٻارڙا ۽ عورتون به شامل آهن، جنگ ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 44 هزار 805 ٿي ويو آهي.

فلسطيني صحت واري وزارت موجب ست آڪٽوبر کان هن وقت تائين اولهه ڪناري ۾ 796 فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو.

ٻي پاسي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پاس ڪيل ٺهراءَ ۾ اسرائيل ۽ حماس کان سمورن يرغمالين جي آزادي جو به مطالبو ڪيو ويو آهي.

غزه جنگبندي ٺهراءَ  جي منظوري لاءِ 193 مان 185 ووٽ ڏنا ويا، آمريڪا، اسرائيل ۽ ٻين ستن ملڪن ٺهراءَ خلاف ووٽ ڏنو، جڏهن ته 13 غيرحاضر رهيا.

جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ امدادي ايجنسي انروا جي حق ۾ به ٺهراءَ منظور ڪيو ويو، جنهن جي حق ۾ 159 ووٽ، جڏهن ته 99 مخالفت ۾ ووٽ وڌا ويا ۽ 11 غير حاضر رهيا.

انروا جي حق ۾ منظور ڪيل ٺهراءَ ۾ اسرائيل کان گڏيل قومن جي ايجنسي انروا جي مينڊيٽ جو احترام ڪرڻ ۽ عالمي قانون تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

ٺهراءَ ۾ انروا کي غزه پٽي ۾ بنا رنڊڪ جي انساني امداد جي فراهمي جاري رکڻ لاءِ گهربل مدد فراهم ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ويو…

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *