اسرائيلي فوج جا غزه ۾ پناهگير ڪيمپن، اسڪولن ۽ اسپتال تي حملا جاري، 28 فسلطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي

اسرائيلي فوج جا غزه ۾ پناهگير ڪيمپن، اسڪولن ۽ اسپتال تي حملا جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي حملن ۾ 28 فسلطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب 5 ڏينهن ۾ 70 فلسطيني ٻار شهيد ٿي ويا جڏهن ته جباليه پناهگير ڪيمپ تي اسرائيلي حملي ۾ ٻارن سميت 8 فلسطينين شهادت ماڻي.

عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب اتر غزه جا شهر 100 ڏينهن کان غذا، پاڻي ۽ دوائن جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن.

رپورٽ موجب 7آڪٽوبر 2023 کان شهيدن جو انگ 46 هزار 565 ٿي ويو جڏهن ته هڪ لک 9 هزار 660 فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن.

ٻئي پاسي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو امريڪي صدر جوبائيڊن سان فون تي رابطو ٿيو آهي.

وائٽ هائوس جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن غزه جنگ بندي ڳالهين جي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جڏهن ته لبنان ۽ شام سوڌو علائقائي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *