اسد دراني جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ لاڳاپيل اٿارٽي سان رابطو ڪيو آهي: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي(م د) ڊي جي آءِ ايس پي آر  ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته پاڪستان جي ڳجھي ايجنسي آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل ريٽائرڊ اسددراني  جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ لاڳاپل اٿارٽي سان رابطو ڪري ورتو آهي. ميجر جنرل آصف غفور سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ليفيٽننٽ جنرل ريٽائرڊ اسددراني کي ويجهڙائي ۾ شايع ٿيل ڪتاب“اسپائي ڪرونيڪلز“ ۾  پاڻ سان لاڳاپيل خيالن جي وضاحت لاءِ جي ايڇ ڪيو طلب ڪيو ويو هو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ان معاملي جي مڪمل جاچ لاءِ هڪ حاضر سروس ليفٽنيننٽ جنرل جي سربراهي ۾ ڪورٽ آف انڪوائري جوڙي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسد دراني جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ لاڳاپيل اٿارٽي سان رابطو ڪيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *