اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار اسحاق ڊار اهليت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيو آهي ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ٻاهرين ملڪ وڃي هڪ مفرور جوابدار سان ملي ٿو، لڳي ٿو ته کيس قانون جي خبر ناهي. سپريم ڪورٽ ۾ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي سينيٽ اهليت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس اسحاق ڊار جي وڪيل سلمان بٽ کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان اسان جو آخري حڪم نامو پڙهيو آهي؟ اسحاق ڊار ڪٿي آهي؟ کيس وٺي اچو. وڪيل اسحاق ڊار جو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائيندي جواب ڏنو ته هو بيمار آهي. چيف جسٽس سرٽيفڪيٽ رد ڪندي ريمارڪس ڏنا ته اسحاق ڊار ايتري عرصي کان بيمار نٿو رهي سگهي، عدالتي حڪم ۾ کيس ذاتي طور پيش ٿيڻ جو چيو ويو هو ۽ اهو حڪم ڀڃڪڙي لاءِ جاري نه ڪيو ويو هو، اسحاق ڊار اچي ته عدالت کيس حفاظتي ضمانت ڏيندي. اسان رات اٺين وڳي تائين ويٺا آهيون، اسحاق ڊار کان پڇو ته هو ڪهڙي مهل ايندو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ۾ وقفي ڪري ڇڏيو. وقفي کانپوءِ ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ته سپريم ڪورٽ اسحاق ڊار کي 8 مئي تي طلب ڪندي هر صورت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. وڪيل چيو ته اسحاق ڊار کي ڊاڪٽرن 6 مهينا مڪمل آرام جي صلاح ڏني آهي، هو 26 اپريل تي ٻيهر چيڪ اپ ڪرائيندو. چيف جسٽس چيو ته ڪجهه به ٿئي، اسحاق ڊار ايندڙ هفتي پاڪستان اچي، نه موٽيو ته ٻاهر گرفتار به ٿي سگهي ٿو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هڪ قانون سٽيزن گرفتاري جو به آهي، مطلب مفرور جوابدار کي ڪو به عام شهري گرفتار ڪري سگهي ٿو يا ڪرائي سگهي ٿو، وزيراعظم ٻاهرين ملڪ وڃي مفرور سان ملندو آهي، شاهد خاقان عباسي کي شايد قانون جي خبر ناهي. درخواست گذار نوازش علي چيو ته وزيراعظم هڪ نه پر ٽن ٽن مفرورن سان ملندو آهي. چيف جسٽس چيو ته جيستائين اسحاق ڊار موٽي نٿو اچي، هي ڪيس اڳتي نه هلندو، کيس گهرجي ته پاڪستان اچي پنهنجو ڪيس هلائي، جيڪڏهن اسحاق ڊار اڳ ۾ تشريف کڻي اچڻ چاهي ته کيس عبوري ضمانت ڏئي ڇڏينداسين، حياتي ۾ ڪجهه ڪم دليري سان به ڪرڻا پوندا آهن، اسحاق ڊار کي ٻڌايو ته زندگي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڏکيائين کي به منهن ڏيڻو پوندو آهي، موٽي اچو نه ته مفرور جوابدار جي وارنٽ بابت قانون موجب جيڪو سمجهه ۾ آيو، اهو ڪنداسين. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 8 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.27