اسحاق ڊار سينيٽ چونڊن کان ٻاهر: اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير جا نامزدگي وارا ڪاغذ رد

لاهور(م ڊ) اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار سينيٽ چونڊ نه وڙهي سگهندو ڇو ته اليڪشن ڪميشن سندس نامزدگي وارا ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا آهن. خانگي ٽي وي چينل موجب سينيٽ چونڊن لاءِ ٽيڪنوڪريٽ جي ٻن سيٽن لاءِ مسلم ليگ ن جي اميدوارن جا نازمزدگي وارا ڪاغذ رد ٿيا، اسحاق ڊار کان سواءِ حافظ عبدالڪريم جا ڪاغذ به رد ٿيا. رپورٽ موجب اسحاق ڊار جي پنهنجن اڪائونٽن جي تفصيل ۽ نامزدگي وارا ڪاغذ جمع ڪرايا هئا جنهن تي تحريڪ انصاف اعتراض واريو ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي دوران تحريڪ انصاف جي وڪيل ثابت ڪيو ته اسحاق ڊار جي صحيح درست ناهي، هن ٻن سيٽن تي خرچن لاءِ هڪ ئي بينڪ اڪاوئونٽ ظاهر ڪيو جڏهن ته عدالت کيس اشتهاري قرار ڏئي چڪي آهي جنهن بعد اليڪشن ڪميشن پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي نامزدگي وارا ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *