اسحاق ڊار جي حاضري کان ڇوٽ بابت درخواست رد، گرفتاري وارنٽن تي نيب کي نوٽيس

اسلام آباد( بيورو ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسحاق ڊار جي ضمانت نه ٿيڻ جوڳن گرفتاري وارنٽن خلاف درخواست جي ٻڌڻي 20 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس ميان گل تي ٻڌل بئنچ  اسحاق ڊار جي ٽرائل ڪورٽ مان مفرور قرار ڏيڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اسحاق ڊار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اسحاق ڊار نمائندي ذريعي ٽرائل ڪارروائي جو حصو بڻجڻ چاهي ٿو هو خراب صحت سبب عدالت ۾ پيش نه ٿو ٿي سگهي. درخواستگذار جي وڪيل ٻڌايو ته اسحاق ڊار 10 کان 15 ڏينهن ۾ واپس اچي سگهي ٿو، ڊاڪٽر اجازت ڏني ته هو واپس اچي ويندو. عدالت چيو ته اسحاق ڊار جي واپسي کي ڊاڪٽر جي اجازت سان مشروط نه ڪيو، درخواستگذار واپسي تي تيار نه هجي ته رليف ڪيئن ٿو ڏئي سگهجي، اسحاق ڊار جي واپسي جو درست وقت ڏنو وڃي. عدالت موقف ٻڌڻ کانپوءِ اسحاق ڊار جي حاضري کان ڇوٽ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ تي نبي کي نوٽيس جاري ڪندي هڪ هفتي ۾ جواب طلب  ڪري ورتو، جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي 20 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *