اسلام آباد (اين اين آءِ) احتساب عدالت اڳوڻي ناڻي وزير اسحاق ڊار خلاف ڪمائي کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ بابت ضمني ريفرنس جي ٻڌني دوران ٽن نامزد جوابدارن خلاف استغاثا جي شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ جي ڪارروائي موخر ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي تفصيل مطابق نيب پاران 26 فيبروري 2018 تي داخل ڪيل اثاثا ضمني ريفرنس ۾ نيشنل بئنڪ جي اڳوني صدر سيعيد احمد نعيم محمود ۽ منصور رضا رضوي کي شريڪ جوابدار طور نامزد ڪيو ويو هو عدالت 5 اپريل تي جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ کان پوءِ استغاثا جي شاهدن کي طلب ڪيو آهي احتساب عدالت جي جج محمد بشير خميس تي اسحاق ڊار خلاف ضمني ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران عدالت کي معاون وڪيل پاران ٻڌايو ويو ته جوابدار سعيد احمد جي وڪيل حشمت حبيب ايڊووڪيٽ بيمار ۽ اسپتال ۾ داخل آهي تنهنڪري ڪارروائي موخر ڪندي شاهدن جا بيان ايندڙ ٻڌني تي رڪارڊ ڪيا وڃن احتساب عدالت جي جج محمد بشير پڇاڻو ڪيو ته ڇا حشمت حبيب پهريان کان شگر جو مريض آهي معاون جي وڪيل ٻڌايو ته هشمت حبيب ايدووڪيٽ کي شگر جو مسئلو آهي جيڪا وڌي 500 کان به وڌي ويئي اهي عدالت اپيل منظور ڪندي ٻڌڻي 25 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.