اسلام آباد (بيورو): پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته رڳو نواز شريف ئي نه شهباز شريف جي به استعيفيٰ گهرون ٿا، اسحاق ڊار نواز شريف جو فرنٽ مين ۽ چوري جو پئسو ٻاهر اماڻيندو رهيو، ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته تصديق ٿي وئي ته قطري جو خط فراڊ هيو، هنن سپريم ڪورٽ ۾ ڪوڙ ڳالهايو، پاڪستان جي اداري ايس اي سي پي جو غلط استعمال ڪيو، شهباز شريف به مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهي، هي چوندا رهيا ته مريم نواز بينيفيشري آنر ناهي، هاڻي ثابت ٿي ويو ته اها بينيفيشري آنر آهي، هڪ ڏوهاري جي حمايت ڪندڙ به ڏوهاري هوندو آهي، بي ضمير چون ٿا جي آءِ ٽي جي رپورٽ نٿا مڃون، چورن کي پڪڙڻ بدران چورن جي حمايت ڪئي پئي وڃي، استعيفيٰ ڪافي ناهي، انهن جو گهر اڊيالا جيل آهي، جيڪو ادارو هنن جي مدد ناهي ڪندو، اهو هنن جي خلاف آهي، قوم جو پئسو چوري ٿي ٻاهر ويندو آهي ۽ هي انهن جي حمايت ڪري رهيا آهن، عمران خان چيو ته هي چون ٿا جي آءِ ٽي صحيح ڪم نٿي ڪري، نه نواز شريف سپريم ڪورٽ ۾ سچ ڳالهايو ۽ نه ئي پارليامينٽ ۾ سچ ڳالهائيندو آهي، هن چيو ته نواز شريف، شهباز شريف، اسحاق ڊار ۽ اياز صادق کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪريون ٿا.