استعيفيٰ جون ڳالهيون غلط آهن، آئون ڪيڏانهن نه پيو وڃان: ناڻي وارو وزير

واشنگٽن:(م ڊ)  ناڻي واري وزير اسد عمر جو چوڻ آهي ته سندس استعيفيٰ جون ڳالهيون غلط آهن مان ڪيڏانهن نه پيو وڃان.ناڻي وارو وزير چيو ته هن وقت واشنگٽن ۾ موجود آهي جتي ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران صحافي سندس استعيفيٰ بابت گردش ڪندڙ افواهن بابت سوال ڪيو ته هن ان جو جواب شعر پڙهي ڪري

ڇڏيو، هزارون خواهشين ايسي ڪه هر خواهش پر دم نڪلي.اسد عمر چيو ته وزيراعظم جي بنا پرڏيهه وڃان ٿو ته اهڙيون ڳالهيون ڪيون وينديون آهن جڏهن ته مان ڪيڏانهن نه پيو وڃان، وزيراعظم عمران خان چيو هو ته پاڪستان کي اوهان جي ضرورت آهي.ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف سان پروگرام جلد پورو ٿي ويندو، آءِ ايم ايف جي شرطن کان اڳ ئي بنيادي تبديليون ڪيون ويون آهن ۽ ايندڙ ڪم بنيادي ڍانچي ۾ سڌارن جو ڪرڻو آهي، اسان پاڪستان ۾ بنيادي ڍانچي جي سڌارن تي يقين رکون ٿا.ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته خطرناڪ حد تائين ادائيگين جي توازن جو بحران هو جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کنيا ۽ قيمتن ۾ واڌ بابت قدم پهريان ئي کڻي چڪا آهيون، اسان آپشنز پيدا ڪيا هئا ان لاءِ فوري طور تي آءِ ايم ايف سان معاهدو نه ڪيو، معيشت ۾ اهڙا قدم کڻڻا پوندا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *