ڪراچي ( م ڊ ) تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه جو چوڻ آهي ته استادن امتحانن جو بائيڪاٽ جاري رکن ٿا ته ٻيا انتظام ڪنداسين. تفصيل موجب نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي تعليم واري وزير سردار شاهه چيو ته استادن تي تشدد جي مذمت ڪيان ٿو، ائين بلڪل نٿا چاهيون. هن چيو ته اسان استادن جا مطالبا مڃي ورتا هئا، تعليم کاتو سنڌ ۾ پروموشن بابت ڪم ڪري رهيو آهي. سردار شاهه چيو ته استادن جي ردعمل سان ٻارن جا امتحان متاثر ٿي رهيا آهن، استاد پرچن جو بائيڪاٽ جاري رکن ٿا ته ٻيا انتظام ڪنداسين.