حيدرآباد(بيورو) پ پ اڳواڻ مولابخش چانڊيو چيو آهي ته اسان کي گار گند ڪري وفاقي حڪومت توڙي وفاقي گهرو وزارت پنهنجي نااهلي نٿي لڪائي سگهي. سول اسپتال حيدر آباد ۾ سيوهڻ سانحي ۽ حيدرآباد ڪريڪر حملي جي زخمين جي عيادت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولا بخش چانڊيو چيو ته چئني صوبن ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون جاري آهن، جيڪا وفاقي حڪومت جي ناڪامي آهي. هن چيو ته هي معاملو مڪاني يا صوبائي حڪومت جو نه پر وفاقي گهرو وزارت جو آهي ، جنهن پاران صوبائي معاملو چوڻ پنهجي مٿان بار لاهڻ آهي، جيڪا ان جي نااهلي کانسواءِ ڪجهه به آهي. مولابخش چانڊيو چيو ته پاڪستان جي مضبوطي، امن ۽ خوشحالي ڪيترن ئي ملڪن کي پسند نه آهي. پ پ اڳواڻ چيو ته حيدرآباد به انهن شهرن ۾ شامل آهي، جن لاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.