ڪراچي(م ڊ) ميئر وسيم اختر چيو آهي ته سنڌ حڪومت اسان کي ڪم ڪرڻ کان روڪي رهي آهي، حڪومت سمجهي ٿي ته ايندڙ اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري اسان کي شڪست ڏيندي، اها حڪومت جي ڀُل آهي، ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وسيم اختر چيو ته شهر قائد وٽ وسيلا گهٽ ۽ مسئلا وڌيڪ آهن، شهر جي عوام کي پاڻي ۽ بجلي جي سهولت کان محروم رکيو پيو وڃي، هن چيو ته اسان وٽ ايترا پئسا ناهن جو اسان عوام جا مسئلا حل ڪري سگهون، هن چيو ته حڪومت اسان کي ڪم ڪرڻ کان روڪي رهي آهي، هن جو چوڻ هو ته مڪاني نمائندن کي ڪچرو کڻڻ لاءِ گاڏيون ڏيڻ بدران انهن کي گهمڻ لاءِ گاڏيون ڏنيون وڃن ٿيون، هن چيو ته سياست ۾ ڪو به دشمن يا دوست ناهي هوندو، هن چيو ته جميعت علماءِ اسلام سان اسان جو پراڻو واسطو آهي،