اسان کي پيداوار جي مطابق حصو آئين جي تحت ملڻ گهرجي:سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي سنڌ سماءَ ۽ پورهئي واري کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پاڪستان ۾ گئس جي ضرورت وڌيڪ آهي ان ڳالهه کان انڪار ناهي ته ضرورت جي مقابلي 45 سيڪڙو پيداوار آهي اگر ملڪ جي ضرورت پوري ناهي ٿيندي ته سنڌ جي بجائي ٻين  صوبن کي ڏني وڃي. اسان کي پيداوار جي مطابق حصو آئين جي تحت ملڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايڪسپو سينٽر ۾ منعقد پاڪستان لائف اسٽائل فرنيچر ايڪسپو 2020 جو افتتاح ڪندي ڪيو. هن چيو ته مان هر نمائش ۾ ايندو آهيان مختلف شيون نمائش ۾ رکيون وينديون آهن ان نمائش ۾ پاڪستان جا نالي وارا فرنيچر برانڊ ۽ دنيا جا 7 وڏا برانڊ شامل آهن. هن چيو ته ڪراچي ۽ سموري سنڌ ۾امن جي صورتحال بهتر آهي ۽ اهو سلسلو هلندو رهندو ۽ ان نمائش سان پاڪستان جو مثبت منظر ڏسڻ ۾ آيو آهي هن چيو ته هن نااهل ۽ نالائق حڪومت سان دنيا ۽ زندگي ۾ سڪون جي توقعا نه ڪئي وڃي عمران خان جي موجودگي ۾ توهان اميد نه رکو توهان کي پي پي پي جي  حڪومت ۾ سڪون نصيب ٿيندو.هن وڌيڪ چيو ته گئس تي سنڌ جو وڏو وزير ڳالهائي چڪو آهي ليڪن ملڪ ۾ گئس جي پيداوار 70 سيڪڙو سنڌ ۾ ٿيندي آهي ملڪ ۾ گئس پيداوار جي مطابق ناهي آئين جي تحت اسان کي حصو نه پيو ملي وزيراعظم هن تي عمل ڪري صوبائي وزير چيو ته پي ٽي آئي جي احتجاج تي حيرت ۽ سوائي ڊرامي جي ٻيو ڪجهه ناهي اگر انهن کي احتجاج ڪرڻو آهي ته اسلام آباد ۾ ڪرڻ گهرجي.صوبائي وزير چيو ته ملڪ ۾ بيروزگاري آهي ۽ ماڻهو هڪ ڪروڙ نوڪرين جي اميد رکيون ويٺا آهن وزيراعظم پاڻ کي هوشيار سمجهڻ لاءِ هڪ ڏينهن اعلان ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن واپس وٺي ڇڏيو. هن چيو ته اسان زراعت ۽ ٻيا رستا کوليا پر هن حڪومت رستا بند ۽ روزگار ختم ڪري ڇڏيو پاڪستان کي پي ٽي آئي حڪومت کان سڪون نه پيو ملي. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم اهو چوي ته هڪ ڏينهن روزگار ملي ويو ۽ ٻئي ڏينهن  ماڻهو روزگار وٺندا اصل ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته پي ٽي آئي جو شور شرابو بي آئي ايس پي جهڙي منصوبي کي بدنام ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي دنيا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي تعريف ڪئي آهي گذريل سروي 2018 مارچ ۾ ٿيو هو هن سروي ۾ تعريف ڪئي وئي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته ان وقت ثانيه نشتر سروي بورڊ ۾ شامل هئي پر رپورٽ شايع نه ٿي ٻن کان اڍائي هزار ماڻهن جي خلاف ڪارراوئي ٿيڻ گهرجي پر 54 هزار ماڻهن ڪهڙو قصور ڪيو صوبائي وزير چيو ته اجلاس ۾ ثانيه نشتر جي پي ٽي آئي ۾ تذليل ڪئي وئي ان وقت ڪجهه ٻيو چيو ويو هاڻي هو نادرا جو سروي چئي ڪري نئين ڳالهه ڪئي پئي وڃي صوبائي وزير چيو ته اين آئي سي ايڇ جي واقعي تي سنڌ جي وڏي وزير انڪوائري جي هدايت ڪئي آهي انڪيوبيٽر جو واقعو وڏو عجيب آهي ۽ سمجهه کان مٿي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *