اسان کي پنهنجي دفاع جو پورو حق آهي، آمريڪا جو دٻاءُ نه اڳ قبول ڪيو ۽ نه هاڻ قبول ڪنداسين: خواجه آصف

زيورخ (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير خواجه آصف هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته آمريڪا جو دٻاءُ نه اڳ قبول ڪيو ۽ نه هاڻ قبول ڪنداسين، عالمي اقتصادي فورم ۾ شرڪت لاءِ سوئيزلينڊ پهچڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي جنهن فورم تي موقعو ملي ٿو هو پاڪستاني دشمني جو مظاهرو ڪري ٿو ۽ اسان هر فورم تي ڀارت کي جواب ضرور ڏيون ٿا، آمريڪا جو پاڪستان تي دٻاءَ جي حوالي سان خواجه آصف چيو ته اسان کي پنهنجي دفاع جو مڪمل حق آهي، آمريڪا جو دٻاءُ نه 1998 ۾ ايٽمي ڌماڪا ڪرڻ وقت قبول ڪيو ۽ نه وري هاڻ قبول ڪنداسين، خواجه آصف چيو ته پاڪستان پنهنجي ايٽمي پاليسي آمريڪا کان پڇي ناهي ٺاهڻي ۽ نه ئي اسان کي ان کان پڇا ڪري ترميم ڪرڻي آهي، پاڪستان جي سياسي صورتحال سان هن چيو ته جن پارٽين کي 2018 جي چونڊن ۾ ناڪامي نظر اچي رهي آهي اهي پارٽيون افراتفري واري صورتحال پيدا ڪري رهيون آهن، جڏهن ته ملڪ ۾ سينيٽ ۽ عام چونڊون وقت تي ٿينديون، هن چيو ته نواز شريف 4 سال قوم جي جيڪا خدمت ڪئي آهي ان جا ثمر اڳيان اچي رهيا آهن، هن چيو ته عوام سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪري عوام ڏانهن وينداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *