اسان کي عوام جي ڏکيائي ۽ حڪومت جي خاتمي لاءِ گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (اين اين آءِ) جي يوآءِ (ف) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان چيو اهي ته اسان کي عوام جي ڏکيائي ۽ حڪومت جي خاتمي لاءِ گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ رستن تي به اچڻو پيو ته نڪرنداسين ذريعن موجب اي پي سي کي خطاب ڪندي فضل الرحمان چيو ته ڌانڌلي کان ڳالهه شروع ٿي هئي معاملو هاڻي عوام جي داد رسي جو آهي هن چيو ته حڪومت کي ڊرامو ڪرڻ لاءِ رستن تي نڪرڻو پيو ته نڪرنداسين شهبازشريف ڳالهائيندي چيو ته سموري اپوزيشن پارٽيون گڏجي ڪنهن لائحه عمل تي متفق آهن هن چيو ته چوري جي ووٽن سان حڪومت بڻي عوام جي تڪليفن جي ترجماني نه ڪئي ته تمام برو ٿيندو. هن چيو ته اسان کي هر طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي جنهن سان عوام کي رليف ملي. هن چيو ته عوام دشمن بجيٽ ماڻهن جون رڙيون ڪڍي ڇڏيون آهن. ان غير مناسب بجيٽ کي ناڪام بنائڻ لاءِ اسان کي گڏجي جدوجهد ڪرڻ گهرجي. مولانا فضل الرحمان چيو ته معاملن جو واحد حل عمران خان وانگر رستن تي نڪرڻ آهي. هن چيو ته آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ (ن) ليگ ۽ پ پ کي حڪومت مخالف موقف اختيار ڪرڻ تي زور ڀريو شريڪ ٿيندڙن چيوته پ پ پ ۽ (ن) ليگ جو گڏيل موقف ئي گڏيل اپوزيشن کي مضبوط رکي سگهي ٿو. ذريعن موجب اي پي سي دوران مولانا فضل الرحمان شريڪ ٿيندڙن کي تجويز ڏني ته موجوده حڪومت عوامي نمائندگي نه ڪري رهي آهي شريڪ ٿيندڙن گڏيل استعيفا ڏيڻ ۽ 25 جولاءِ تي ڪارو ڏينهن ملهايو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *