اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته 5 جولاءِ تي ڪارو ڏينهن جي حوالي سان پيغام ۾ چيو آهي ته اهو ڏينهن اهو هو جڏهن اڄ کان 40 سال اڳ هڪ فوجي ڊڪٽيٽر قوم کي هاءِ جيڪ ڪيو هو ۽ ان ادارن کي هڪ هڪ ڪري تباهه ڪرڻ شروع ڪيو هو، جهاد کي پرائيويٽائيز ڪيو ۽ مذهب جي نالي تي عورتن ۽ غير مسلمن خلاف ڪارو قانون لاڳو ڪرڻ شروع ڪيو، هن چيو ته هي اهو ڏينهن جو جڏهن قوم جي بدقسمتي طرف سفر جي شروعات ٿي ۽ اها قومي افراتفري اڄ تائين مذهب جي نالي تي جاري آهي، هن چيو ته بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته جهاد کي پرائيويٽ ڪرڻ سان ۽ مذهب کي سياسي فائدن لاءِ استعمال ڪندڙ تباهه ڪندڙ پاليسي اڄ تائين جاري آهي، ان تباهه ڪندڙ پاليسين جا نقصان سمجهڻ جي جيتري اڄ ضرورت آهي اها اڳ ڪڏهن به نه هئي، هن چيو ته اچو پڪو پهه ڪيون ته ان پاليسين کي تبديل ڪنداسين، مذهبي انتهاپسندي جي سوچ ۽ جهاد جي پرائيويٽائيزيشن ۽ ڊڪٽيٽر پاران ڦهلاليل فرقيواريت جي لعنت خلاف وڙهنداسين، اڄ جي ڏينهن اسان اهو پهه ڪيون ٿا ته پاڪستان هڪ جمهوري ملڪ بڻبو جتي مذهبي انتهاپسندي، عسڪريت پسندي ۽ فرقابندي جي ڪا به جاءِ نه هوندي، اڄ اسان انهن ماڻهن کي ياد ڪندا آهيون جن دهشتگردي سان سوچ سان وڙهندي پنهنجي جانين جي قرباني ڏني.