اسان کي سزا ڏني نه پر ڏياري پئي وڃي، عدالتي فيصلي ۾ اهڙا ريمارڪس هئا؛نواز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته احتساب کي ڪنهن ٻئي هنڌان ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي، اسان کي سزا ڏني نه پر ڏياري پئي وڃي، عدالتي فيصلي ۾ اهڙا ريمارڪس هئا جهڙا اسان جا سياسي مخالف ڏيندا آهن، عدالتن جو ٻٽو معيار جلد پنهنجي انجام تائين پهچندو، عدالت ۾ پيش ٿيڻ کانپوءِ موجود ميڊيا سان غير رسمي ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته احتساب کي ڪنهن ٻئي هنڌان ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي جيڪو ڏوهه اسان نه ڪيو ان جو به اسان کان انتقام ورتو پيو وڃي، عدالتي فيصلي ۾ اهڙو پيغام هو جو نواز شريف کي هر قيمتي تي سزا ڏيڻي آهي، جڏهن ته سزا ڏني نه پئي وڃي پر ڏياري پئي وڃي، عدالت ۾ اسان سياسي مخالفن جهڙا سوال پڇايا ويا، عدالتي اهڙا ريمارڪس هئا جهڙا اسان جا مخالف ڏيندا آهن، عمران خان جي ضمانت منطور ٿيڻ بابت هڪ سوال تي هن چيو ته منهنجي ڪيس ۾ هڪ جڏهن ته ٻين جي ڪيسن ۾ ٻيا ضابطا آهن، اسان ان ٻٽي معيار جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪندا رهنداسين، هي احتساب نه آهي، انتقام آهي ۽ ان جي باوجو اسان عدالت جو احترام ڪريون ٿا، اڳوڻي وزيراعظم چيو ته 1999 ۾ به جهاز هائيجيڪنگ جي ڪوڙي ڪيس ۾ کيس سزا ڏياري وئي هئي، ان وقت مون کي ڦاسايو ويو ۽ اڄ به ساڳيو معاملو ورجايو پيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *