اسان کي به ڪورونا وائرس خلاف جنگ ۾ چيني ڊاڪٽرز جي مدد جي ضرورت آهي:سيد مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته چين ڪورونا وائرس سان زبردست جنگ ڪري ان کي شڪست ڏني آهي، اسان کي به ڪورونا خلاف جنگ ۾ چيني ڊاڪٽرز جي مدد جي ضرورت آهي، سنڌ۾ ٽيسٽنگ جي صلاحيت ۾ اضافو ڪري رهيا آهيون. وڏي وزير سيد مرا د علي شاهه سان چين جي ميڊيڪل سيڪٽر جي 9 رڪني وفد ملاقات ڪئي. اجلاس ۾ صحت واري وزير عذرا پيچوهو، ڊاڪٽر عاصم، سيڪريٽري صحت سميت طبي ماهرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته چين ڪورونا وائرس سان جهڙي ريت جنگ ڪئي اهو ساراهه جوڳو عملي آهي، چين ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي اسان کي افسوس آهي. وڏي وزير چيو ته اسان ٽيسٽنگ واري صلاحيت م اضافو ڪري رهيا آهيون، اسان کي ريپڊ ٽيسٽنگ مشينري ۽ ڪٽس جي ضرورت آهي. وڏي وزير چيو ته اسان وٽ تمام گهٽ وسيلا آهن، روزانو 2040 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪري سگهون ٿا، اسان کي چين پاران مڪمل مدد ۽ رهمنائي جي ضرورت آهي. چيني وفد وڏي وزير کي صلاح ڏني ته ماڻهن کي گهرن م رهڻ جو پابند بڻايو وڃي ماڻهو گهرن جون دريون کولي قدرتي هوا حاصل ڪن. وفد جو چوڻ هو ته چيني سرڪار پاڪستان جي هر ممڪن مدد ڪري رهي آهي، راشن جي ورهاست دوران به ماڻهن کي هن هنڌ گڏ نه ٿيڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *