سيوهڻ(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان کي احتساب تي اعتراض ناهي پر سياسي انتقام تي اعتراض آهي. تفصيل موجب سيوهڻ شريف ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته اسان کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جا ڪيس سنڌ ۾ هلائڻ بدران پنڊي ۾ هلايا پيا وڃن، نيب سنڌ ۾ به موجود آهي. نيب راولپنڊي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان سڪرنڊ، کوسڪي، دادو، ٺٽو ۽ پنڱريو شگر ملز کي سبسڊي ڏيڻ واري معاملي تي جاچ ڪري رهيو آهي. نيب راولپنڊي 20 مارچ تي سنڌ جي وڏي وزير جي طلبي جو نوٽيس جاري ڪيو هو.