اسان کي آمريڪا کان ڪنهن به مالي يا عسڪري امداد جي ضرورت ناهي: آرمي چيف

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ): آءِ ايس پي آر موجب آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل آرمي چيف قمر جاويد باجوه سان ملاقات ڪئي آهي، ملاقات دوران آمريڪي سفير نئين آمريڪي پاليسي بابت آرمي چيف کي آگاهي ڏني، آءِ ايس پي آر موجب آمريڪي سفير چيو ته آمريڪا دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪردار جو قدر ڪري ٿو، آمريڪا افغان مسئلي جي حل لاءِ پاڪستان سان سهڪار جو خواهشمند آهي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته افغانستان ۾ امن پاڪستان جي لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، هن چيو ته اسان کي آمريڪا کان ڪنهن به مالي يا عسڪري امداد جي ضرورت ناهي، اسان جي ڪردار ۽ اعتماد کي تسليم ڪرڻ جي ضرورت آهي، آرمي چيف چيو ته سمورن اسٽيڪ هولڊرز وچ ۾ اتحاد ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *