راولپنڊي(م ڊ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيوآهي ته اسان پٽاٽا ۽ مٽر وڪڻي معيشت کي سهارو نٿا ڏئي سگهون.راولپنڊي ۾ منعقد هڪ تقريب کي خطاب دوران فواد چوڌري چيو ته مون جڏهن اهو چيو ته سرڪاري نوڪريون نٿيون ملي سگهن ته ميڊيا ۾ طوفان اچي ويو.فواد چوڌري چيو ته معيشت جي سرپرستي سرڪاري سيڪٽر نه پر نجي شعبو ڪندو آهي. معيشت جي الف ب جي خبر رکڻ وارن کي اها خبر آهي ته اسان کي پرائيويٽ سيڪٽر ۾ ئي ڪاميابي حاصل ڪرڻي پوندي.هن چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي چارج ورتي ته اها انڊسٽري مختلف بحرانن جو شڪار هئي. يونيورسٽين ۾ ريسرچ ٿيندي هئي ته خبر نه هوندي هئي ته اڳيان ڇا ٿيندو. فيصلو ڪيو آهي ته يونيورسٽين کي واپار ڪرڻ جي اجازت ڏيون. وفاقي وزير چيو ته اسان روزاني جا پٽاٽا ۽ مٽر وڪڻي اڪانومي کي سهارو نٿا ڏئي سگهون.هن چيو ته مان زرعي يونيورسٽي ۾ وڃي حيران ٿيس ته اتي ايترو سٺو ڪم ٿي رهيو آهي. اسان کي زراعت ۾ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻي پوندي. اسان نوجوانن جي ذريعي ڪامياب معيشت ٺاهي آهي.