پشاور(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پارٽي جوش سان نه پر هوش سان هلندي آهي، اسان پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ منظور ڪرايو، پيپلز پارٽي فاٽا جو فنڊ 3 ارب رپينکان وڌائي 19 ارب ڪيو. اسان فاٽا مان پنج وزير کنيا، مڃان ٿو ته وزير ڪنهن غريب جا پٽ نه هئا. آصف زرداري فاٽا ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جيڪو ڪجهه ڪيو توهان جي سامهون آهي، چاهيان ٿو ته اسان جو مسنٽر هاري ۽ غريب جو پٽ ٿئي، فاٽا ۾ پارٽي کي مضبوط ڪري پوءِ توهان کان پڇي ٽڪيٽ ڏينداسين، اسان چاهيون ٿا ته فاٽا ڪي پي ڪي ۾ ضم ٿئي. هن چيو ته اسان بينظير ڀٽو جي نالي تي ڪارڊ جاري ڪيا جن سان ڌيئرن ۽ مائرن کي فائدو ٿيو، ڪارڪن پارٽي جو پيغام گهر گهر پهچائين، ڪارڪن پارٽي جو جهنڊو کڻي هر يونين ڪونسل ۾وڃن. هن چيو ته چاهيون ٿا ته فاٽا ۾ هاءِ ڪورٽ هجي ۽ سپريم ڪورٽ رجسٽري به هجي اڄ فاٽا ڪي پي ڪي ۾ ضم نه ٿيو ته پوءِ ڪڏهن نه ٿيندو، فاٽا ۾ ايم پي اي عوام جو نمائندو هوندو جڏهن ته ملڪ ۾ پختونن کي پيپلز پارٽي سڃاڻپ ڏني. آئون اڪيلو ڪمزور آهيان ماڻهن جي طاقت مون کي اڳتي وڌائيندي، پيپلز پارٽي جي طاقت سان ئي دشمن جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائيندو آهيان. هن چيو ته ويندڙ حڪومت فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ ضم نه ڪيو ايندڙ اسان جي حڪومت اهو ڪم ڪندي فاٽا ۾ ڪنوينشن ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، اوهان هن حڪومت ۾ ڪا به اميد نه رکو، اهي نااهل آهن، توهان ڪم ڪيو توهان سان گڏ هونداسين. هن وڌيڪ چيو ته ڪپتان ڊرائنگ روم مان نڪري جلسو ڪندو آهي، هن ڀيري بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرادري به ميدان ۾ هوندا. اسان هن ڀيري حڪومت بڻائي ڏيکارينداسين. ڪپتان کي چوان ٿو ته جيڪڏهن هو جيل هليو ويو ته پارٽي جو ڇا ٿيندو، سي پيڪ اسلام آباد جي لاءِ نه فاٽا جي لاءِ بڻايو ويو هو. اعلان ٿو ڪيان فاٽا ۾ سيڪريٽريٽ بڻائيندس.