اسلام آباد(بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته نواز شريف ٻٽيون ڳالهيون ڪندو آهي هو پهرين به اسان راند ڪري رهيو آهي ۽ هاڻ به راند ڪري رهيو آهي. اسلام آباد نيوز ڪانفرنس ڪندي آصف علي زرداري چيو ته اسان نواز شريف کي پنجاب ۾ حڪومت بڻائڻ ڏني، نواز شريف اُن وقت اسان سان راند ڪري رهيو هو ۽ اڄ به راند ڪري رهيو آهي، هو چوي ڪجهه ٿو ۽ ڪري ڪجهه ٻيو ٿو، نواز شريف سچ مڃڻ جي لاءِ تيار ناهي هو سچ ڇا چوندو. پرويز مشرف جي خلاف ڪيس بابت اڳوڻي صدر چيو ته نواز شريف چوندو آهي ته پرويز مشرف واري معاملي تي آصف زرداري مون وٽ آيو، منهنجو پرويز مشرف سان ڪهڙو تعلق هو اسان پرويز مشرف کي کير ۾ مک جيان ڪڍي ٻاهر اڇلائي ڇڏيو ڇو ته هڪ آمر کي ڪڍڻ منهنجي لاءِ گهڻو ضروري هو. آصف زرداري چيو ته اسان جي پارٽي جي ماڻهن تي ڪيس آهن ۽ هو جيلن ۾ آهن، اسان اسٽيبلشمينٽ سان گڏ ناهيون پاڪستنا سان گڏ آهيون هاڻ ميان صاحب ٻڌائي هو پاڪستان سان آهي يا ڪنهن ٻي طاقت سان گڏ آهي. مريم نواز جي عدالت ۾ پيشي بابت آصف علي زرداري چيو ته نواز شريف کي اڄ ڌيءَ جو ڪٺهڙي ۾ بيهڻ جو ڏک ٿي رهيو آهي، مون کي ان جي ڌيءِ ڪٺهڙي ۾ بيٺل ڏسي خوشي ناهي ٿي رهي پر بينظير ڀٽو به ڪٺهڙي ۾ بيٺي هئي، ذوالفقار علي ڀٽو جي ڌيءَ جي ڪٺهڙي ۾ بيهڻ تي هو ڇا ڪري رهيا هئا. آصف علي زرداري چيو ته سياسي طاقتون ۽ جمهوريت ئي دهشتگردي جو علاج آهي، فاٽا کي انضمام پاڪستان ۽ عوام جي حق ۾ آهي پر ڪجهه ماڻهو پنهنجي ذاتي ايجنڊا جي موجب ان جي مخالفت ڪندا آيا آهن، فاٽا انضمام ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي سوچ هئي، ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ فاٽا ۾ سياست شروع ٿي، هن چيو ته 10 سالن ۾ هو فاٽا جو انضمام صوبي سان گڏ ڪري ڇڏندو، بينظير ڀٽو فاٽا انضمام وارو معاملو عدالت ۾ کڻي وئي، جڏهن آئون صدر ٿيس ته ايوان صدر ۾ جرڳو گهرايو هو، اميد رکان ٿو ته فاٽا انضمام وارو معاملو اڳتي وڌي ويندو. عام چونڊن جي حوالي سان آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته اسان کي اليڪشن ڪميشن کي مضبوط بڻائڻو آهي، اميد ڪيان ٿو ته هن ڀيري آر او اليڪشن نه ٿيندي ۽ اليڪشن ڪميشڻ صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائي عوام جي اعتماد تي پورو لهندي، پنجاب صوبو ضرور بڻجندو ۽ عوام ان جي حق ۾ ووٽ ڏيندو. هن چيو ته طاهر القادري عمران خان کي ڪنڌ نه ڏئي ها ته هو ڪڏهن به ڌرڻو نه هڻي سگهي ها. نگران وزير اعظم بابت پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين چيو ته نگران وزير اعظم جي لاءِ اسان ريٽائرڊ ججن جا نالا ناهن ڏنا، اسان طرفان نگران وزير اعظم جي نالن ۾ هڪ بزنس مين آهي ۽ ٻيو اڳوڻو پرڏيهي کاتي جو سيڪريٽري آهي.