اسان پارليامينٽ ۾ به هونداسين ۽ روڊن تي به: بلاول ڀٽو زرادري

ڪراچي/ لاڙڪاڻو(نمائندن وٽان) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هن کي پارلياماني سياست جو آغاز ڪرڻو آهي ۽ عوام جي ووٽن سان بي بي جو پٽ پارليامينٽ ۾ هوندو. بي بي جو پٽ عوام جي ووٽن سان گڏ پارلياماني سياست ۾ ايندو. پارليامينٽ ۾ ويس ته نواز شريف جون ننڊون اڏامي وينديون. لاڙڪاڻي ۾ پ پ جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان پارليامينٽ ۾ به هونداسين ۽ روڊن تي به. بيگم نصرت ڀٽو جي تڪ اين اي 204 تان پارلياماني سياست جو آغاز ڪندس. مون سان گڏ آصف علي زرادري به پارليامينٽ ۾ هوندو ته نواز ليگ جون ننڊون اڏامي وينديون. ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري هڪ ئي چونڊ نشان ”تير“ تي ضمني چونڊ وڙهندا. بلاول هائوس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري الڳ الڳ نشانن تي چونڊ وڙهڻ واري خبر ۾ ڪا صداقت ناهي. اليڪشن ڪميشن کي هڪ ئي چونڊ نشان تي اليڪشن وڙهڻ جي درخواست ڏيندا. ضمني چونڊ وڙهڻ جو فيصلو سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ٽو ۾ ٿيو هو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *