اسان وٽ پاڻي ئي ناهي، ڊيم ڪٿان ڀرينداسين: مراد علي شاهه

ڪراچي ( م ڊ ) سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته وڌيڪ ڊيمن لاءِ اسان وٽ پاڻي ناهي ۽ جڏهن پاڻي ئي ناهي ته وڌيڪ ڊيمن کي ڪٿان ڀرينداسين. سنڌ اسمبلي ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي وڏي وزير جو چوڻ هو ته وفاق سنڌ مان پاڻي واري معاملي تي زيادتي ڪري رهيو آهي، سنڌ جو خطو سڀ کان وڌيڪ زرخير هو، انگريزن 1859ع کان روڪاوٽون وجهڻ شروع ڪيون، سنڌ ۾ ته 5 درياهن کان پاڻي ايندو هو، انگريز گريٽر ٿر ڪئنال جي مخالفت ڪئي هئي پر وري ڊڪٽيٽر ان کي ٺاهيو، ان وقت سنڌ جو حصو 48 ڏهائي 7 ملين ايڪٽر ينعي پنجاب کان وڌيڪ هو جڏهن ته 1948ع ۾ ڀارت پاڻي بند ڪري ڇڏيو هو.  وڏي وزير جو چوڻ هو ته انڊس واٽر ٽريٽي ۾ سنڌ جو هڪ به نمائندو نه کنيو ويو، انڊس واٽر ٽريٽي ۾ ڀارت کي 3 درياهه ڏنا ويا، وري پاڻي تي گهٽ ٿيڻو ئي هو، پاڻي آهي ئي نه ته ڊيم کي ڪٿان ڀرينداسين، وڌيڪ ڊيمن لاءِ اسان وٽ پاڻي ناهي.  مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ جي حق لاءِ  ڪجهه به نه ڪيو ويو، سي سي آءِ هن ڀيري عجيب ٺهي آهي، سنڌ جي ميمبرن ئي معاملو ڪونسل موڪلڻ  جي سفارش ڪئي، 1991ع ۾ پنجاب جو حصو وڌايو ويو، سڀ کان گهٽ واڌ سنڌ جي حصي ۾ ڪئي وئي. هن چيو ته سنڌ سان زيادتي ڪندڙ سڀ ٻين پارٽين مان آهن ، گڏيل مفادن واري ڪونسل جي ميمبرن ڪراچي کي پاڻي ڏيڻ جي مخالفت ڪئي هئي، ارسا سنڌ سان ناانصافيون جاري رکيون پئي اچي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *