ڪراچي ( م ڊ ) تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاهه چيو آهي ته اسان وٽ هڪ لک 35 هزار استاد اهڙا آهن جن کي رياضي ۽ سائنس پڙهائڻ نه ايندي آهي. تعليم واري وزير سيد سردار شاهه ايجوڪيشن ورڪشاپ کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ سڀ کان وڏو چئلينج اهو آهي ته استادن جي هڪ وڏي انگ کي رياضي ۽ سائنس جا مضمون پڙهائڻ ناهن ايندا. سردار شاهه چيو ته اسان انهن استادن کي سسٽم مان نٿا ڪڍي سگهون، کين ايڊجسٽ ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان مڃون ٿا ته جن استادن کي رياضي ۽ سائنس جا مضمون پڙهائڻ نٿا اچن اهي ڪمزور آهن پر کين ڪڍي نٿو سگهجي. پر هاڻ ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته اهڙا استاد ڀرتي ڪريون جن کي رياضي ۽ سائنس جهڙا اهم مضمون به پڙهائڻ ايندا هجن. تعليم واري صوبائي وزير چيو ته سنڌ ۾ تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهيون ۽ مونکي خبر آهي ته صوبي ۾ ڪيئي اسڪولن جون عمارتون زبون حال آهن پر انهن کي بهتر ڪرڻ ۾ وقت لڳندو. هن چيو ته اسان کي پنهنجي سسٽم کي بهتر ڪرڻو آهي ۽ اسان جي سامهون ڪيئي چئلينج آهن پر مان واعدو ڪريان ٿو ته ايماندار ۽ ديانتداري سان تعليم کاتي ۾ بهتري لاءِ ڪم ڪندو رهندس.