ناروال(م ڊ) وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته اهي ٻار جن جي پڙهڻ لکڻ جي عمر آهي پيسا نه هئڻ ڪري اهي مزدوريون پيا ڪن، 1 لک 60 هزار خاندانن کي هيلٿ ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن. ناروال ۾ قومي صحت پروگرام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته اسان جي معاشري ۾ ناانصافيون آهن، ڪيترائي مريضن اهڙا آهن جن وٽ دوائون وٺڻ لاءِ ته ڇا پر اسپتال تائين پهچڻ جيترا به پيسا ناهن هوندا، اسان هتي سياسي مقدن جي لاءِ ايندا رهندا آهيون. هن چيو ته ان نيڪ ڪم ۾ مدد ڪندڙن جو ٿورائتو آهيان، علاج لاءِ ورتل قرض لاهڻ جي لاءِ معصوم ٻارن کي مزدورين تي لڳايو ويو آهي. ملڪ ۾ ڪنهن ٻار کي ڪينسر آهي ته ڪنهن کي دل جي بيماري، پاڪستان ۾ سڀني کي سهولتون ملنديون. غريبن کي مفت علاج ڏيڻ واري خواهش ڪافي عرصي کان منهنجي دل ۾ هئي، علاج جي لاءِ اڍائي لک وڌيڪ خرچ بيت المال مان ڏنو ويندو. خرچ وڌڻ جي صورت ۾ علاج روڪيو نه ويندو پر وڌيڪ جيترو پيسو گهربل هوندو اهو ڏنو ويندو. اسان اوندهه کي روشني سان شڪست ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته قومي صحت پروگرام ۾ وڌيڪ بهتري آڻينداسين. ماڻهو علاج جي لاءِ ملڪيتون وڪڻي رهيا آهن، اصل ڪم عوام جي خدمت آهي جنهن ۾ الله به خوش ٿيندو آهي. ڪارڊ ذريعي حادثن ۽ شگر جو علاج به ٿي سگهي آهي. هي ڪارڊ انهن ماڻهن جي لاءِ آهي جيڪي پنهنجو علاج نٿا ڪرائي سگهن. اسان ٻئي جي ڏکن کي گهٽ ڪنداسين.