اسان نيڪ نيتي سان مزدورن جا مسئلا حل ڪرڻ چاهيون ٿا:سعيد غني

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ پورهئي واري صوبائي وزير سعيد غني سان چين جي وزارت محنت آف لي يااوننگ جي چيئرمين مسٽرز زونگ، اسسٽنٽ چيئرمين چيمبر آف ڪامرس زانگ جن هووا،ليونيا صوبو چين، مي ٽنگ بين، چيف آپريٽنگ آفيسر اينو ميسٽر گروپ ڪراچي ان جي آفيس ۾ ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ محنت کاتي جو سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي، مختلف ليبر يونين جي اڳواڻن کان علاوه چين وفد جي ايڊوائزر ميجر (ر) علي جعفر زيدي ۽ ٻيا به شريڪ هئا. ملاقات ۾ چين ۽ پاڪستان ۾ مزدورن ۽ محنت ڪندڙن جي ملازمت جا وڌ کان وڌ موقع فراهم ڪرڻ ۽ خاص ڪري ڪراچي ۽ چين جي شهر شنگهائي جيڪي هڪ سسٽر سٽيز آهن انهن ۾ ملازمت جا موقعا فراهم ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي وفد صوبائي وزير کي ٻڌايو ته چين پاڪستان ۾ پهريون ئي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي ۽ هاڻي اسين چاهيون ٿا ته اسان چين ۾ اتان جي مزدورن ۽ محنت ڪندڙن خاص ڪري اتان جي نوجوانن لاءِ ملازمتن جا وڌ کان وڌ موقعا فراهم ڪيون وفد صوبائي وزير سعيد غني کي ان جي صوبي سنڌ ۽ چين جي مختلف صوبن ۾ پڙهيل لکيل نوجوانن کي مختلف پروجيڪٽ ۾ ملازمت جا موقعا فراهم ڪرڻ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. پاڪستان ۽ چين جي وچ دوستي جو هڪ لازوال رشتو آهي ۽ اڄ پاڪستان ۾ چين جي سيڙپڪاري به پنهنجي مثال پاڻ آهي اسان کي خوشي آهي ته چين سنڌ صوبي جي نوجوانن کي روزگار جي فراهمي لاءِ اپاءُ وٺي رهيو آهي سنڌ ۾ پڙهيل لکيل نوجوانن جي هڪ وڏي فورس موجود آهي اسان شهيد بينظير ڀٽو يوٿ ڊيولپمينٽ پروگرام جي تحت ساڍا چار هزار نوجوانن کي مختلف شعبن ۾ تربيت به ڏني آهي اسان سنڌ جي نوجوانن کي بهتر روزگار مهيا ڪرڻ لاءِ سمورا اپاءُ وٺي رهيا آهيون چائنيز ڪمپني پاران پاڪستان  ، چين سميت ٻين ملڪن ۾ سنڌ جي نوجوانن کي روزگار جي فراهمي جا موقعا فراهم ڪرڻ جي آفر خوش آئنده آهي اسان ان سلسلي ۾ جنهن نوجوانن کي مختلف شعبن ۾ تربيت ڏئي چڪا آهيون ان جو ڊيٽا گڏ ڪري چڪا آهيون ۽ اسان ضرور شيئر ڪنداسين سنڌ حڪومت شهيد بينظيرآباد ۾ روزگار جي فراهمي جي منشور تي قائم آهي. ٻئي پاسي اطلاعات ۽ پورهئي واري صوبائي وزير سعيد غني محنت کاتي جي تحت بڻايل سه فريقي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته اهڙي قسم جي ڪميٽي بڻائڻ جو مقصد چيڪ اينڊ بيلينس ۽ ورڪرز کي هر ممڪن سهولتون پهچائڻ اهي اهو هڪ نئون آئڊيو آهي جيڪو ملڪ جي ڪنهن ٻئي صوبي ۾ ناهي ڪيو ويو نيڪ نيت سان مزدورن جا مسئلا حل ڪرڻ چاهيون ٿا محنت ڪندڙن لاءِ اسپتالن ۽ اسڪولن لاءِ به اهڙي قسم جون ڪميٽيون جوڙيون وينديون سعيد غني چيو ته ڪميٽي جا نتيجا ۽ ثمرات ملڻ م ڪجهه وقت لڳندو پر ان لاءِ اسان کي ان جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻو پوندو مهنجي گذارش آهي ته ڪميٽي جا معاملا بهتر انداز ۾ هلائڻ لاءِ سمورا اسٽيڪ هولڊرز پنهنجيون تجويزون ڏصين ته جيئن ليبر انسپيڪشن نظام کي بهتر ۽ ليبر قانون تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي هن تجويز پيش ڪئي ته ڪميٽي جو اجلاس مهيني ۾ منعقد ڪيو وڃي ايمپلائزر ۽ ورڪرز جي نمائندن کي واري واري سان ڪميٽي جو ڪنويز بڻايو وڃي جڏهن ته محنت کاتي جي سيڪريٽري کي ڪميٽي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو وڃي هن چيو ته بغير اطلاع جي مسلسل ٽن اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪرڻ واري ڪميٽي ميمبر کي ڪميٽي مان فارع ڪيو وڃي سعيد غني چيو ته ملڪ جون معاشي حالتون نازڪ اهن محنت ڪندڙن کي انهن جي مزدوري 17500 سان گڏ صحت تعليم جي سهولت به فراهم ڪيون ته اها اسان جي وڏي ڪاميابي آهي صوبائي وزير چيو ته هڪ هنڌ جو تعين ڪيو وڃي ته جيئن اتي ڪميٽي جو دفتر قائم ڪيو وڃي اجلاس ۾ شريڪ مزدورن جي نمائندن کي مخاطب ڪندي هن چيو ته خرابي ٻنهي پاسن کان آهي ۽ اسان کي پنهنجي ڪوتاهين جو ازالو ڪرڻ جي ضرورت آهي اسان کي غلط ڪمن کي روڪڻ گهرجي ۽ محنت ڪندڙن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هڪٻئي جو تعاون گهربل آهي آخر ۾ ڪميٽي ۾ شريڪ صوبائي ڪميٽي جي قيام تي صوبائي وزير جو شڪريو ادا ڪيو ۽ پنهنجي تعاون ڪرڻ جو يقين ڏياريو.                      .

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *