ڪراچي (هه آ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان نه رڳو آمراڻيون خرابيون درست ڪيون پر اهم شعبن ۾ ڪم پڻ ڪيو. مون کي پنهنجي صوفياڻي ڌرتيءَ تي فخر آهي جنهن ڪڏهن به دهشتگردي ۽ انتهاپسنديءَ کي جنم ناهي ڏنو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو بڻايل ٿر رٿا تي ڪم ڪيو وڃي ها ته اڄ پاڪستان توانائي برآمد ڪري رهيو هجي ها. امن ۽ تعميري ترقي جي راهه ئي صوبي جي خوشحاليءَ جو ضامن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اڄ هن وزيراعليٰ هائوس ۾ رٿيل پاڪستان سول سروسز اڪيڊمي ۾ خاص سکيا حاصل ڪندڙ 44 آفيسرن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ، صوبائي وزيرن مير هزار خان بجاراڻي، سهيل انور سيال، انسپيڪٽر جنرل پوليس اي ڊي خواجا، گهرو سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز، چيئرمين رٿابندي ۽ ترقي محمد وسيم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان سول سروسز اڪيڊمي ۾ خاص سکيا حاصل ڪندڙ آفيسرن جي وفد کي صوفين ۽ باب الاسلام جي ڌرتيءَ تي ڀليڪار ڪندي چيو ته مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته سنڌ ڌرتيءَ ڪڏهن به دهشتگرن ۽ انتهاپسندن کي پيدا ناهي ڪيو. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن سدائين ڀائيچارگيءَ سان هر مذهب ۽ مڪتبه فڪر سان واسطو رکندڙن سان گڏجي رهندا آهن، هتي جيڪي به مسئلا ۽ مصيبتون پيدا ٿيون اهي آمراڻي دور ڪري آهن. هن چيو ته جنرل ضياءَ جي دور ۾ هتي هيروئن ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر آندو ويو جنهن ڪري منشيات ۽ هٿيارن ڊوڙ شروعات ٿي ۽ پرڏيهي بنا روڪٿام جي غيرقانوني ريت هتي آباد ٿيا، جنرل مشرف جي دور ۾ سنڌ جو امن امان خراب ڪيو ويو، دهشتگردن جو راڄ لاڳو ڪيو ويو، راتن جو روڊ رستا ويران ٿي ويندا هئا، ايتري حد تائين جو هاءِ وي به محفوظ نه هئا پر شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ ملڪ ۾ جمهوريت جو سج اڀريو ۽ انساني حقن جو احترام ٿيڻ لڳو، دهشتگردي واري راڄ ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر جو خاتمو ٿيو. سنڌ جي راڄڌانيءَ بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته اسان ڪراچي شهر جي وڃايل سڃاڻپ موٽائي رهيا آهيون، شهر جون روشنيون واپس آڻي رهيا آهيون، تعميراتي ڪمن سميت شهر جي ڊانچي ۾ بهتري آندي آهي ۽ وڌيڪ ڪم هلندڙ آهن. هاڻوڪي پاڻيءَ واري مسئلي بابت هن چيو ته واهن جي لائننگ وارو ڪم تمام ضروري آهي، اسان ان ذريعي پاڻيءَ جي بچت ڪئي ۽ زمين جي آب خيزي کان بچائي رهيا آهيون. صوبي جي امن امان بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت گينگ وار ۽ مافيا جي راڄ جو خاتمو آندو. هن چيو ته اڄ سنڌ خاص طور تي ڪراچي شهر امن جو گهر آهي. پرڏيهي سيڙپڪار ۽ سياح اچي رهيا آهن جن لاءِ شهر جي هوٽلن ۾ ڪمرو ملڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. سيڙپڪارن جون قطارون لڳل آهن. معيشت ترقي ڪئي آهي، امن جو ضامن مضبوط معيشت ۽ اقتصاديات سميت ترقي ۽ خوشحال آهي. هن چيو ته اسان نه رڳو آمراڻيون خرابيون درست ڪيون آهن بلڪه اهم شعبن ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي، خاص طور تي صحت واري شعبي ۾ بهتري آندي جهڙوڪ ايس آءِ يو ٽي، اين آءِ سي وي ڊي، جي پي ايم سي، گمبٽ انسٽيٽيوٽ اف هيلٿ سائنسز، ٿر اسپتال ۽ ٻين اهم اسپتالن جو نظام بهتر ڪيو. ٿر بابت ٻڌائندي وڏي وزير چيو ته ٿرپارڪر ۾ تمام ترقي ٿي آهي خاص طور تي روڊ سيڪٽر ۾ جتي رڳو ڪيڪڙو هلندو هو اتي هاڻ جديد گاڏيون به هلنديون آهن. هن چيو ته جيڪڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پروگرام تحت ٿر ۾ توانائي جا پلانٽ لڳايا وڃن ها ته اڄ پاڪستان بجلي برآمد ڪري رهيو هجي ها، پر هاڻ اسان ٿر مان بجلي پيدا ڪري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو خواب پورو ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اسان پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ جو قانون متعارف ڪريو، جنهن تحت سڄي صوبي روڊ ۽ سنڌو دياهه تي پل تعمير ڪيا، هاڻ ته گهوٽڪي – ڪشمور پل به سنڌوءَ درياهه تي بڻائي رهيا آهيون ۽ ڪوئلي جي کاڻن تي ڪم شروع ڪرايو. هن چيو ته اسان حڪومت جي ساک کي بهتر ڪيو آهي.