اسان مٿان قانون ۽ آئين جي پاسداري سڀني ڳالهين تي مقدم آهي، پ پ جي ميمبرن جو ايوان مان واڪ آئوٽ

April 18, 2017 at 8:19 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، مشال خان جي واقعي تي ڪو به بيان ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، اهڙي قتل تي پارليامينٽ کي هڪ ٻُولي ٿي پيغام ڏيڻ گهرجي، اسان جون مجبوريون آهن ۽ پيرن ۾ زنجير پيل آهن ته اهو نظام ائين هلندو رهي، اسان مئل جمهوريت جي حمايت ڪري سگهون ٿا پر آمريت جي نه، ملڪ کي بچائڻ حڪومت ۽ اپوزيشن جي گڏيل ذميواري آهي، حڪومت آءِ ٽي جي وزارت جي بجيٽ سان 4 سئو 80 ارب ڪڍي قرض ادا ڪيو جنهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي، اڱاري تي قومي اسيمبلي ۾ نقطن جي اعتراض تي ڳالهائيندي هن چيو ته پارليامينٽ ۽ ڊڪٽيٽرشپ ۾ فرق اهو ئي هوندو آهي ته جمهوريت ۾ سمورا فيصلا پارليامينٽ ۾ ٿيندا آهن، اسان ن ليگ سان گڏجي ان نظام لاءِ جدوجهد ڪئي، هن وقت جي عالمي علائقائي ۽ اسان جي مقامي معاملن تي ايوان ۾ بحث ٿيڻ گهرجي، اسان پاڻي جي حوالي سان به رٿابندي ۾ ناڪام رهيا آهيون، هن چيو ته پارليامينٽ جو احترام ڪريون ٿا، اسان احتجاج لاءِ حد کان اڳتي نٿا وڌون ڇو ته اسان کي اسپيڪر جي عهدي جو احترام آهي، هن چيو ته اڄ به اسان کي فرينڊلي اپوزيشن جو تعنو ڏنو پيو وڃي ڇو ته اسان هن نظام کي بدنام نٿا ڪرڻ چاهيون، حڪومت طرفان اپوزيشن جي واڪ آئوٽ جو نوٽيس نه ورتو، اسان جي پنهنجي ماڻهن جو فڪر نه آهي، اسان جو موقف اهو آهي ته جنهن کي به کنڀيو ان کي 24 ڪلاڪن ۾ عدالت ۾ پيش ڪرڻ گهرجي، لوڊشيڊنگ جي صورتحال سڀني جي سامهون آهي، اسان مشال خان جي فوتگي جي حوالي سان قرارداد تيار ڪئي آهي ته جيئن اسان پارليامينٽ مان هڪ آواز ٿي ان جي خلاف آواز بلند ڪريون، هن چيو ته سنڌ جي هڪ ٻارڙي ڪهڙين حالتن ۾ دهشتگردن جي هٿن ۾ اچي وئي ۽ آپگهاتي بمبار بڻجي وئي، ان صورتحال جي حوالي سان به اسان سڀني کي هڪ آواز ٿي پيغام ڏيڻ گهرجي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سيد خورشيد شاهه وزيرن ۽ حڪومتي ميمبرن جي گهٽ حاضري تي چيو ته وزيراعظم جمهوريت ۽ آمريت ۾ فرق ختم ڪري ڇڏيو آهي، پارليامينٽ ۾ فيصلا ڪيا ويندا آهن ۽ پارليامينٽ ۾ ڪير اچي ئي نٿو، اڄ ٻيهر ايوان خالي آهي، هن چيو ته حڪومت جي رويي سان خطرناڪ پيغام وڃي رهيو آهي، پارليامينٽ کان ٻاهر رهي فيصلا ڪيا پيا وڃن، وزيراعظم نواز شريف چوندو هو ته جمهوريت کي مضبوط ڪرڻو آهي، اڄ وزير ايوان ۾ ڇو اچن، جڏهن وزيراعظم پاڻ ئي نٿو اچي، چئن سالن ۾ ڪابينا جا 25 کان 30 اجلاس گهرايا ويا، هن چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ڊان ليڪ رپورٽ منظر عام تي اچڻ گهرجي، ملڪ جي سيڪيورٽي بابت حساس معاملن جي ڪنهن به پرواهه نه آهي، وفاقي وزير شيخ آفتاب چيو ته ان حوالي سان واضح بيان گهرو وزارت ئي ڏئي سگهي ٿي ته اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه جي وڌيڪ نقطن جي حوالي سان جواب ڏيندي هن چيو ته پارليامينٽ جنهن طرح اپوزيشن لاءِ مقدس آهي اهڙي ريت اسان لاءِ به مقدس آهي، اپوزيشن ليڊر چيو ته اسان جي مٿان قانون ۽ آئين جي پاسداري سڀ ڳالهين تي مقدم آهي، اسان جيڪو قانون پاس ڪيو هو ان جي خلاف ورزي ٿي رهي آهي، اسان احتجاج طور واڪ آئوٽ ڪيون ٿا، ان سان گڏ پ پ جا ميمبر ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا.

اي پيپر