ڪرچي (اسٽاف رپورٽر) سڌ سماءَ جي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت سخت فيصلا عوام لاءِ ڪيا، عدالتي حڪمن تي وفاق سان گڏجي حڪمت عملي تيار ڪئي، اها ڳالهه هن ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي، هن چيو ته عوام جي جانين تي ڪڏهن به سوديبازي ناهي ڪئي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشورا ڪيا آهن، ناصر حسين شاهه چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، عوام جي خدمت ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، اسپتالن ۾ بيڊز ۽ ٻيون سهولتون به وڌائي رهيا آهيون، ناصر حسين شاهه چيو ته عوام افواهن تي ڌيان نه ڏئي ۽ حڪومتي اعلانن تي عمل ڪري. سماجي وٿي جي روايت ۽ احتياطي اپائن تي عمل ڪيو وڃي. .