اسلام آباد (بيورو)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ن ليگ صدر شهباز شريف عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجا پيغام جاري ڪندي عورتن کي خراج پيش ڪيو آهي.پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته شهيد بينظير ڀٽو عورتن لاءِ روشني جو مينار آهي، شهيد بي بي عورتن لاءِ رستا روشن ڪيا ته جيئن انهن محنت ۽ جان تي فقط انهن جو اختيار هجي.هن چيو ته پاڪستاني عورتون هاڻ نفرت ڪندرن جي ڌمڪين کان پوئتي هٽڻ واريون ناهن، جيڪڏهن عورتون پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪنديون رهن ته هر پاڪستاني عورت بينظير هوندي.سندس چوڻ هو ته سخت مخالفت باوجود پ پ عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي، عورتون ۽ پٺ تي پيل طبقا ئي پ پ جي اصل طاقت آهن، اسان عورتن ۽ پٺ تي پيل طبقن کي غلامي جي زنجيرن ۾ ٻڌڻ جي سازش ڪندڙن خلاف وڙهنداسين.قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته عورتن کانسواءِ زندگي اڻپوري ۽ ڪائنات جي تصوير بي رنگ آهي، ماءُ، ڀيڻ، ڌيءُ ۽ گهرواري جي صورت ۾ عورتن جي موجودگي سان ئي انساني رشتا وجود ۾ اچن ٿا.سندس چوڻ هو ته اسلام عورت کي وڏي عزت ۽ حق عطا ڪيا آهن، ماءُ جي قدمن هيٺان جنت رکي الله پاڪ عورت جو مقام ۽ احترام واضح ڪري ڇڏيو آهي.