ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته اسان سنڌ ۾ ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن جي تياري ڪئي آهي، گڏيل قومون ۽ ايس ڊي جيز سپورٽ يونٽ جي ٽيڪنيڪل مهارت جي مدد سان ايجنڊا 2030 ۽ 17 ايف ڊي جي حاصل ڪرڻ لاءِ صوبي ۾ بنيادي تبديليون آنديون پيون وڃن ۽ خواهشمند آهيون ته ان جي ثمر مان مڪامي آبادي فائدو حاصل ڪري، هو گذريل ڏينهن يو اين ڊي پي جي هڪ وفد سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي ۽ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ملاقات ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، سينيٽر ڪرعت العين مري، شڪيل احمد به موجود هئا، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اسان سنڌ ۾ ايجنڊا 2030 جي حوالي سان پرعزم آهيون، سندس چوڻ هو ته 17 ايس ڊي جيز کي حاصل ڪرڻ لاءِ اهم تنظيمن جي ڪوششن ۾ به دلچپسي رکون ٿا، تنظيمن جي حوالي سان هن وضاحت ڪئي ته جيئن يو اين ڊي پي ۽ سنڌ ايس ڊي جيز سپورٽ يونٽ جي تعاون سان آهي، هن چيو ته اسان خانگي شعبي کي پنهنجي ترقياتي قدمن ۾ تعاون لاءِ ڪامياب عوامي خانگي حصيدار بڻائي رهيا آهيون جنهن جو مثال ٿر مان وٺي سگهجي ٿو، ملاقات ۾ چيو ويو ته سنڌ حڪومت بلاول ڀٽو ۽ مراد علي شاهه جي اڳواڻي ۾ جٽادار ترقي لاءِ گڏيل قومن جي عالمي حدفن کي پورو ڪرڻ لاءِ پنهنجون اسٽريٽجڪ ڪوششون تيز ڪيون آهن، اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ 17 ايس ڊي جيز ۽ ايجنڊا 2030 کي حاصل ڪرڻ لاءِ سياسي قيادت اڳتي وڌي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، 2016 ۾ سنڌ حڪومت عالمي ايجنڊا 2030 ۽ ان جي 17 جٽادار ترقياتي حدفن کي اختيار ڪيو هو جنهن هڪ رخ مقرر ڪري ڇڏيو، وڏي وزير پاران عوام جي خوشحالي، غربت گهٽائڻ، نظام کي مضبوط ڪرڻ، صاف آب هوا، گندگي کان پاڪ ماحول جهڙا حدف 2025 تائين مقرر ڪيا ويا اهن، ملاقات ۾ چيو ويو ته سٺي صحت، معياري تعليم، صاف پاڻي فراهم ڪرڻ، صفائي، دونهي کان پاڪ توانائي، بک بدهالي، مهذب روزگار ۽ اقتصادي ترقي جهڙا مسئلا حل طلب آهن، ملاقات ۾ چيو ويو ته بلاول ڀٽو ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي اڳواڻي ۾ صوبو ترقي ڪري رهيو آهي ۽ خاص طور تي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر ان ۾ وڌيڪ ڪم جي ضرورت آهي، پ پ قيادت سان ايو اين ڊي پي جي اعليٰ سطح جي وفد ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته هلندڙ پروگرامن کي عمر ڪوٽ، سجاول، ٺٽو ۽ ٽنڊو محمد خان جهڙن غريب ۽ متاثر علائقن تائين وڌايو ويندو.